ٻه ساري راند

ٻه ساري راند: هيءَ راند نو ٽڻي ۽ ٽه ٽڻي راندين جي قسم مان آهي، پرانهن کان وڌيڪ آسان آهي. هيءَ راند ننڍڙا ٻار جن ۾ ٻن درجن پڙهڻ جي لياقت هوندي آهي، سي به ڪري سگھندا آهن. هن راند ۾ ٻه رانديگر حصو وٺندا آهن. هر هڪ رانديگر وٽ ٻه ساريون هونديون آهن، جيڪي شڪل شباهت خواه جنس ۾ نو ٽڻي يا ٽه ٽڻي راند ۾ ڪم ايندڙ سارين وانگر هڪ ٻئي کان مختلف هونديون آهن. هن راند لاءِ پڙ ٺاهڻ وقت چورس شڪل ٺاهبي آهي، پر ان جو هڪڙو پاسو کليل ڇڏبو آهي. پوءِ اُريبون پاڻ ۾ ملائبيون آهن. اهڙيءَ طرح شڪل ۾ پنج ٽٻڪا اهڙا ٿي پوندا آهن، جيڪي ليڪن ملائڻ سان ٺهيل هوندا آهن. جڏهن رانديگر راند شروع ڪرڻ کان اڳ ساريون انهن ٽٻڪن تي رکندا آهن، تڏهن باقي وڃي هڪڙو ٽٻڪو خالي رهندو آهي، جنهن تي ساريون هلائي سگھبيون آهن. راند چالو ڪرڻ کان پوءِ هر هڪ رانديگر جي ڪوشش هوندي آهي ته سارين کي اهڙيءَ طرح هلائجي، جو ٻئي رانديگر جون ساريون بند ٿي وڃن. راند هلندي هلندي جيڪڏهن ڪنهن رانديگر جون ساريون بند ٿي ويون ته ان راند هارائي. هيءَ راند نهايت سولي، اڪلاءَ واري ۽ دلچسپ آهي. هن جي ذريعي سوچ ويچار جو مادو پيدا ٿئي ٿو ۽ ذهن کي تربيت ملي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو